جيڪب آباد ۾ ڀتي لاءِ سارين جو ديرو ساڙڻ جو ڪيس داخل

جيڪب آباد ۾ ڀتي لاءِ سارين جو ديرو ساڙڻ جو ڪيس داخل

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ هڪ ڏينهن اڳ مبينا طور ڀتو نه ڏيڻ تان عمراڻي لاڙو وٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حافظ عبدالشڪور بنگلاڻي جي سارين جي ديري کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي جو ڪيس صدر ٿاڻي تي طالب حسين بنگلاڻي جي فرياد تي ولي محمد رند، خالد رند ۽ ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته رند برادري جا ماڻهو اسان کان ڀتو گهرندا هئا نه ڏيڻ تي سارين جي ديري کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي جڏهن ته پوليس داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل نه ڪيا آهن ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڪراچي حافظ عبدالشڪور بنگلاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ولي محمد رند خالد رند وارن کان زمين ورتو هو جنهن جا پئسا ڏئي چڪو آهيان کاتا ڏيڻ لاءِ ڀتو گهريو پيو وڃي نه ڏيڻ تي سارين جي ديري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي پوليس داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل نه ڪيا آهن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي نوٽيس وٺي  انصاف فراهم ڪرڻ گهرجي.