جيڪب آباد(رپورٽر) قومي تڪ اين اي 190 تي آزاد طور اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اڳوڻو وفاقي وزير محمد ميان سومرو قافلي جي صورت ۾ ڳڙهي خيرو کان ورڪ تان واپس جيڪب آباد اچي رهيو هو ته مولاداد ٿاڻي جي حد قادرپور وٽ سندس قافلي مٿان هوائي فائرنگ ڪئي وئي، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو
اهڙو اطلاع ايس ايس پي جيڪب آباد کي ڏنو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جنهن کانپوءِ قافلو جيڪب آباد طرف روانو ڪيو ويو جڏهن ته ساڳئي هنڌ تي پي ايس 1 جيڪب آباد جي آزاد اميدوار سردار سخي عبدالرزاق کوسو جي پٽ آيت الله کوسو کان به ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي گارڊن جي فائرنگ سبب ڦورو فرار ٿي ويا آهن
محمد ميان سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳڙهي خيرو کان ورڪ تان واپسي دوران مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ قافلي مٿان هوائي فائرنگ ڪئي وئي آهي گارڊن جي جوابي فائرنگ سبب هٿياربند فرار ٿي ويا
هن چيو ته امن امان جي صورتحال خراب آهي جيڪا ڳڻتي جوڳو عمل آهي بدامني جهڙي حالتن ۾ ضابطو آڻڻ لاءِ اليڪشن دوران پوليس رينجرز ۽ آرمي جا جوان مقرر ڪيا وڃن جيئن وڏو ڪو نقصان نه ٿئي
هوڏانهن محمد ميان سومرو جي قافلي تي فائرنگ واري واقعي کانپوءِ سندن پينل جي اميدوار سردار سخي عبدالرزاق کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محمد ميان سومرو صدر پاڪستان وزيراعظم ۽ سينيٽ جو چيئرمين رهي چڪو آهي ان جي قافلي تي فائرنگ هڪ سازش تحت ڪئي وئي آهي اسان جي پينل کي ڊيڄارڻ جو ڪوشش ڪئي وئي جيڪا مخالفن جي ڀل آهي
هن چيو ته محمد ميان سومرو جي قافلي تي فائرنگ جو نوٽيس ورتو وڃي جيئن ڪو وڏو سانحو جنم وٺي نه سگهي
ان سلسلي ايس ايس پي جيڪب آباد قمر رضا جسڪاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته محمد ميان سومرو جي قافلي جي واپسي تي روڊ مٿان پٿر رکي رڪاوٽون وڌيون ويون آهن بظاهر ته ڦر جي واردات لڳي ٿي پر پوءِ به ان معاملي جو جاچ ڪري رهيا آهيون
هوڏانهن محمد ميان سومرو جي قافلي مٿان هوائي فائرنگ جي مامري جو صوبائي وزير قانون عمر سومرو، پيپلزپارٽي اڳواڻ اعجاز حسين جکراڻي سميت ٻين مذمت ڪيو آهي قانون جي صوبائي وزير پنهنجي سوشل ميڊيا جي اڪائونٽ تي لکيو ته محمد ميان سومرو اسان جو ريڊ لائن آهي ان جي قافلي مٿان فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو