| جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل |
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهراب جکراڻي ۾ جوابدارن ڪارنهن تهمت هيٺ نوجوان رحيم ڪانگيو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان مقتول جي ڀاءُ عبدالله ٻڌايو ته ڀاءُ جي رستي جو لنگهه اهو آهي ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن حد جي پوليس موجب جوابدار مير جان جکراڻي پنهنجي ڀائرن سان گڏجي ماٽيلي ماءُ سان ڪارنهن تهمت ڏئي نوجوان کي قتل ڪيو آهي.