| جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽي قتل ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي ڦاهي جي سزا |
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد عدالت ٻٽي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه جي عدالت ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فاطمه ۽ مغيم مغيري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن لال بخش ۽ لال گل بليدي کي ڦاهي ۽ 5/5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ قيد جي سزا ڪاٽيندا، جڏهن ته عدالت غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ ست ست سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي عدالت ٻٽي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل مقتولڻ عورت فاطمه جي پيءُ لال جان کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته 4 مئي 2024 تي ڳڙهي خيرو ۾ عورت فاطمه ۽ مغيم مغيري کي ڪارنھن تهمت هيٺ قتل ڪيو ويو هو، جنهن واقعي جو ڪيس ڳڙھي خيرو ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو،