جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان هٿياربندن پوليس اهلڪار سوڌو 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو
جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سچل ٽالاڻي ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن غلام قادر ٽالاڻي، پوليس اهلڪار غلام مصطفيٰ ٽالاڻي ۽ امان الله ٽالاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو
جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا
ايس ايڇ او اختر ابڙو ٻڌايو ته ٽالاڻي ذات جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو، مقتول امان الله ٽالاڻي جيڪو بلوچستان جي علائقي لهڙي جو رھواسي هو ۽ پنهنجي ماساتن وٽ آيو ته جتي قتل ٿي ويو