جيڪب آباد ۾ ڪار مان 60 ڪلو چاندي هٿ، 5 ڄڻا گرفتار

جيڪب آباد ۾ ڪار مان 60 ڪلو چاندي هٿ، 5 ڄڻا گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ پوليس ۽ ڳجهي ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي بين الصوبائي اسمگلنگ ۾ ملوث گروهه جي پنج جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 60 ڪلوگرام چاندي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن جي ماليت ڪروڙين رپين ۾ ٻڌائي پئي وڃي پوليس موجب جيڪب آباد پوليس ۽ ڳجهن ادارن کي ڳجهو اطلاع مليو هو ته هڪ شڪي گاڏي ذريعي  غير قانوني طور هڪ صوبي کان ٻئي صوبي چاندي منتقل ڪئي پئي وڃي اطلاع تي ڊي ايس پي صدر منير احمد ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ ڳجهي ادارن بائي پاس ويجهو پڪٽ نمبر 9 تي ناڪه بندي ڪري ڪارروائي دوران جي ايل آءِ ڪار کي روڪي تلاشي ورتي جنهن دوران گاڏي جي ڳجهي خانن مان فٽنگ ڪيل 60 ڪلوگرام چاندي هٿ آئي، پوليس موقعي تي ئي اسمگلنگ ۾ ملوث 5 جوابدارن صديق جٽ، حافظ محمد عمر، روش ممتاز جٽ، محمد عزيز جٽ ۽ مير حمزه بگٽي کي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب هٿ آيل چاندي ۽ گرفتار جوابدارن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.