| جيڪب آباد ۾ ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ تي فائرنگ، ڪنڊيڪٽر زخمي |
جيڪب آباد (رپورٽر)جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ٽول پلازه وٽ چار اڻڄاتل ڦورن حيدر آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر ڪوچ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊرائيور پاران ڪوچ نه بيهارڻ تان فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ ڪنڊيڪٽر جاويد بروهي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڊرائيور ڪوچ ڀڄائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. زخمي ڊرائيور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مسافر ڪوچ جي ڊرائيور خير الدين بروهي ٻڌايو ته حيدرآباد کان ڪوئيٽا وڃي رهيا هئاسين ته جيڪب آباد ۾ ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏي نه بيهارڻ تان فائرنگ ڪئي وئي.