| جيڪب آباد ۾ گهر ۾ گهڙنڙ گڏهه ڪهاڙيون هڻي زخمي: ڪيس داخل |
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شڪر خان بروهي ۾ عزيز الله بروهي جو گڏھ ڳوٺاڻي مولا بخش بروهي جي گهر ۾ داخل ٿيو، جنهن تي ڪاوڙجي جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري گڏھه کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، گڏھه جي مالڪ موجب سندس گڏھه مولا بخش بروهي جي گهر ۾ ويو ته ان تي ڪهاڙين سان حملو ڪيو ويو، ٻي طرف وڏي وزير جي نوٽيس کان پوءِ دلمراد ٿاڻي تي عزيز بروهي جي فرياد تي مولا بخش بروهي ۽ ٻن اڻ سڃاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻي پاسي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته ملوث جوابدارن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، هن چيو ته بي زبان جانور تي وحشياڻو تشدد ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هن زخمي گڏھه کي فوري طبي امداد ۽ بهتر علاج لاءِ به قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون، جڏهن ته گڏھه جي علاج لاءِ جيڪب آباد جي جانورن واري اسپتال مان ماهر ڊاڪٽر ٿاڻي تي پهتا جتي ان جو علاج جاري آهي.