جيڪب آباد( رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو بلوچستان جي 6 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ ڏوهاري ٽولي سان واسطو رکندڙ هڪ ڄڻي کي مارڻ جي دعويٰ
پوليس جو ھير بيار هوٽل ڀرسان مبينا طور ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو جنهن دوران ڪريم بخش عرف ڪرو گلواڻي مارجي ويو
مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪيو ويو آهي ڌاڙيل جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو
ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري مٺو شاهه گينگ جو سرگرم رڪن هو
هن چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪري رهي آهي جن کي ترت انجام تائين پهچايو ويندو