| جيڪب آباد: 68 پينشرن جعلي نڪتا: آءِ ڊيز بلاڪ جي سفارش |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جيڪب آباد جي ٽريزري آفيس مان 68 پينشنرن جون آءِ ڊيز بلاڪ ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي جي اختيارين اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي اختيارين کي خط لکي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان جيڪب آباد ٽريزري آفيس ۾ جعلي پينشنرن پاران هر مهيني پينشن وٺڻ واري معاملي بابت اي جي سنڌ جي سفارشن تي ناڻي کاتي جي اختيارين پاران ڪيل جاچ رپورٽ مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جيڪب آباد جي ٽريزري آفيس ۾ 68 پينشنرن جي تصديق نه ٿي سگھي آهي. جنهن بعد ناڻي کاتي جي جاچ ڪاميٽي اي جي سنڌ جي اختيارين ڏانهن خط لکي 68 پينشنرن جي پينشن آءِ ڊيز کي غيرتصديق شده قرار ڏئي بلاڪ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.