| جيڪولين جي چاهيندڙ پاران کيس هيليڪاپٽر تحفي ۾ ڏيڻ جي دعويٰ |
ممبئي (شوبز نيوز) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڀارتي شهري سوڪيشن چندر ويلنٽائن ڊي تي اداڪاره جيڪولن فرننڊس کي 30 ڪروڙ رپين جي ماليت جو لگزري هيليڪاپٽر تحفي ۾ ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب سوڪيشن چندر شيکر هن وقت 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ جيل ۾ قيد آهي پر ان کي جيل مان جيڪولين فنرينڊس کي هڪ محبت نامو لکي مهانگي تحفي جو ذڪر ڪيو ويو. خط ۾ هن اداڪاره کي ”بيبي بوما“ چئي پڪاريو ۽ پنهنجي مبينا تعلق جو ٻيهر اظهار ڪيو. سوڪيش دعويٰ ڪئي ته هن جيڪولين فرنينڊس لاءِ ايئر بس ايچ سيريز جو هڪ لگزري هيلي ڪاپٽر خريد ڪيو آهي، جنهن جي ماليت تقريباً 30 ڪروڙ رپيا آهي، جڏهن ته ان هيليڪاپٽر کي اداڪاره جي نالي جي شروعاتي اکر ”JF“ سان خاص طور تي ڊيزائن به ڪيو ويو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته هي قيمتي تحفو سندس ذاتي ڪمائيءَ مان خريد ڪيو ويو آهي ۽ ان جو مقصد اداڪاره کي شوٽنگ لاءِ ڏوراهين جاين تي آسان سفر جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. خط ۾ سوڪيش پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي لکيو ته جيل جي سلاخن جي ڪري هو اداڪاره کان پري آهي پر سندس محبت ۾ ڪا گھٽتائي نه آئي آهي. هن چيو ته هي تحفو سندس محبت جي علامت آهي ۽ هو هر مشڪل باوجود جيڪولين کي ياد ڪندو آهي. رپورٽن موجب هي پهريون موقعو ناهي جو چندر شيکر اداڪاره کي مهانگا تحفا ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي هجي، ان کان اڳ به هو جيڪولين فرنينڊس کي قيمتي تحفن ۽ جائداد ڏيڻ جون دعوائون ڪري چڪو آهي پر اداڪاره پاران هن تازي خط يا مبينه تحفي تي اڃا تائين ڪو رد عمل سامهون ناهي آيو.