جيڪو شخص فوج ۾ آهي ئي نه ان تي ڊسيپلين ڪيئن لاڳو ٿيندو؟ اها آرٽيڪل 8 جي ڀڃڪڙي ناهي؟ سپريم ڪورٽ

ڊسمبر 13, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن کاتي ۾ آهي ئي نه ته اُن تي ان جو ڊسيپلين لاڳو ڪيئن ٿيندو. غير لاڳاپيل شخص کي ڊسيپلين هيٺ آڻڻ آرٽيڪل 8 جي خلاف ورزي نه ٿيندي؟ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ ملٽري ڪورٽس جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران اهم سوال اُٿاري ڇڏيا. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ملٽري ڪورٽس جو پورو ڪيس آرٽيڪل 8 جي ارد گرد گهمي ٿو، جيڪو شخص هٿياربند فوج ۾ ناهي اُن کي ڊسيپلين جي هيٺ ڪيئن آڻي سگهجي ٿو؟ جيڪو شخص آرمي ايڪٽ جو سبجيٽ ناهي اُن کي بنيادي حقن کان ڪئين محروم ڪري سگهجي ٿو. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيوته ملٽري ڪورٽس ڪيس ۾ عدالتي فيصلو ٻن حصن تي مشتمل آهي، هڪ حصي ۾ آرمي ايڪٽ جي قلمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٻئي حصي ۾ جوابدارن جي ملٽري ڪسٽڊي آهي. مخصوص حالتن ۾ سويلين تي به آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي. جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ان طرح ته جيڪڏهن ڪو ڀڙڪائڻ جو سوچي اُن تي به آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو. ڇا آرمي ايڪٽ آئين جي آرٽيڪل 8 جو سيڪشن هڪ غير موثر ناهي ڪري ڇڏيو؟. آرٽيڪل 8 ۾ آرمي قانون جو ذڪر ان جي ڊسيپلين بابت آهي، حضرت عمر رضه سخت ڊسيپلين جي ڪري ئي فوج کي باقي عوام کان الڳ رکيو، فوج جو ڊسيپلين اڄ به قائم آهي ۽ الله ان کي قائم رکي، فوج کي ئي بارڊرز سنڀالي ملڪ جو دفاع ڪرڻو هوندو آهي. جسٽس مندوخيل چيو ته فوجي کي قتل ڪرڻ جو ڪيس عام عدالت ۾ هلندو آهي، فوجي ملڪيتن تي حملو به دهشتگردي ايڪٽ تحت ڏوهه آهي، جسٽس مندوخيل چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو عهدو صدر جو آهي، جيڪڏهن صدر هائوس تي حملو ٿئي ته جوابدار جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿيندو پر فوجي ملڪيتن تي حملو ٿئي ته ٽرائل ملٽري ڪورٽس ۾ ڪيئن ؟ جنهن تي وڪيل خواجه حارث چيو ته اهو فيصلو قانونسازن قانونسازي سان ڪيو، جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته جيڪڏهن هڪ فوجي پنهنجي آفيسر کي قتل ڪري ته ڪيس ڪٿي هلندو؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته قتل جو ڪيس عام عدالت ۾ هلندو.  ان تي جسٽس مسرت چيو ته ذاتي بنيادن تي فوجي جو قتل الڳ ۽ بلوچستان طرز تي فوج تي حملو اڳ معاملو آهي، خواجه حارث جواب ڏنو ته ملٽري ٽرائل ۾ به فيئر رائل جو آرٽيڪل 10 موجود هوندو آهي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلن ۾ سڀ کان پهريان نقص جي نشاندهي ڪريو، ملٽري ڪورٽس ۾ جن رولز تحت ٽرائل ٿيندو آهي ان جا تفصيل فراهم ڪريو، جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته ڇا ملٽري ڪورٽ ٽرائل ۾ وڪيل جي اجازت هوندي آهي؟ ڇا ملٽري ڪورٽ ۾ جوابدار کي سمورو مواد فراهم ڪيو ويندو آهي.؟ جنهن تي وڪيل خواجه حارث جواب ڏنو ته ملٽري ڪورٽ ۾ جوابدار کي وڪيل ۽ سمورو لاڳاپيل مواد فراهم ڪيو ويندو آهي. عدالت حڪومتي وڪيل کي 9 ۽ 10 مئي جي ايف آءِ ارز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار