جيڪو 3 ڀيرا وزيراعظم بڻجي فيل ٿي چڪو آهي اهو چوٿون ڀيرو اچي ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟: بلاول ڀٽو زرداري

ڊسمبر 9, 2023

معاشي حالتون نوازشريف يا کلاڙيءَ جي انتقامي سياست جي سٽ نه سهي سگهنديون، اسان کي خبر آهي ته نواز شريف چوٿون ڀيرو اچي ڇا ڪندو، نواز شريف اقتدار ۾ اچي انهن سان ئي ٻيهر وڙهندو جيڪي کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏياريندا، جيڪو 3 ڀيرا وزيراعظم بڻجي فيل ٿي چڪو آهي اهو چوٿون ڀيرو اچي ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟: بلاول ڀٽو زرداري جو لوئر دير ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب، بلاول چيو ته نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر هنن کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏيارڻ لاءِ چئي رهيو آهي، زمان پارڪ جي وزيراعظم انتقام جي سياست ڪئي، راءِ ونڊ جي وزيراعظم به انتقامي سياست کي هٿي ڏني، عوام ٻنهي جماعتن کان تنگ ٿي چڪو آهي، منهنجو پي ٽي آءِ جي باني سان رڳو اهو اختلاف هو ته هو سليڪٽ ٿي ڇو آيو؟ پي ٽي آءِ جو باني امپائر جي آڱر تي سياست ڪندو رهيو ۽ حڪومت هلائيندو رهيو، نگران حڪومت نون ليگ هلائي رهي آهي، ميان صاحب جو نجڪاري وارو وزير پي آءِ اي کي کپائي نه پر خريد ڪري رهيو آهي، اسان ڪنهن کي به پي آءِ اي خريد ڪرڻ نه ڏينداسين

Leave A Comment