جي ايس پي پلس خلاف ناهيون: قاسم خان بابت واويلا ڪندڙ وزيرن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان    

  جي ايس پي پلس خلاف ناهيون: قاسم خان بابت واويلا ڪندڙ وزيرن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان    

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل بيئرسٽر سلمان اڪرم راجا، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان گڏ انصاف هائوس ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ ملڪي معيشت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، جڏهن معيشت هلندي آهي ته غريب جي چلهه  ٻرندي آهي ۽ ملڪ ترقي جي رستي تي اڳتي وڌندو آهي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ سرمائيدار طبقي نه پر غريب عوام جي جماعت آهي،  هن چيو ته زراعت پاڪستاني معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، انهي هوندي اڄڪلهه هاري سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي، کيس پنهنجو جائز حق نٿو ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ هر مزدور ۽ هاري سان گڏ بيٺل آهي. ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال پريشان ڪندڙ آهي، عدالتن جي آزادي تي سوال اٿاريا پيا وڃن، شهري جبري طور لاپتا ڪيا پيا وڃن، ڪراچي مان فيبروري ۾ پي ٽي آءِ جي 431 ورڪرن کي گرفتار ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، راجا اظهر، فهيم خان، ايم پي اي واجد حسين کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ميڊيا سچ ڏيکاري ٿي ته صحافين کي نوڪري کان محروم ڪيو وڃي ٿو، جيڪو جمهوريت لاءِ خطرناڪ آهي.هن چيو ته اليڪشن ۾ عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، ڪراچي مان قومي اسيمبلي جون 22 ۽ ملڪ مان 180 سيٽون پي ٽي آءِ کان کسيون ويون،  اسان کي مخصوص سيٽن کان به محروم ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ هر ظلم خلاف آواز بلند ڪندي رهندي، آئيني حقن، عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد جاري رکندي. هن چيو ته گذريل چار سالن دوران  ڪا به مثبت تبديلي نه ٿي، معيشت لڳاتار زوال هيٺ آهي. هن چيو ته ٽيڪس نظام کي منصفاڻو بڻائڻو پوندو، پگهاردار طبقي تي وڌيڪ بار وڌائڻ بدران اشرافيه کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ گهرجي. هن پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عوامي مسئلن بدران شاهانه خرچن تي اربين رپيا ضايع ڪيا پيا وڃن، پنجاب جي وزيراعليٰ اربين رپيا جهاز خريد ڪرڻ ۽ انهي جي سار سنڀال تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي وفاقي حڪومتون عوام کي ڪفايت شعاري جو سبق پڙهائي رهيون آهن. هن چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم ۽ صحت جا شعبا صوبن جي ذميواري آهن، جڏهن ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي انهن جو جائز حصو ملڻ گهرجي، بدقسمتي سان خيبرپختونخوا کي پنهنجو حق نه ڏنو پيو وڃي. 2021 ۾ نئون اين ايف سي ايوارڊ اچڻ گهرجي ها پر اڃا تائين ناهي آيو، ھن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پشاور ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، عوام کان اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي  آئيني جدوجهد جو حصو بڻجن. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني فوج سان گڏ آهي،  سرحدن تي مقرر هر سپاهي جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ـ جيڪڏهن پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري ٿو ته اها خوش آئند ڳالهه آهي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ خلاف  190 ملين پائونڊ ڪيس ۽ توشه  خانا ڪيس بي بنياد آهن،  جڏهن عدليه آزاد ٿيندي ته انصاف ضرور ملندو. هن چيو ته ذلفي بخاري ۽ قاسم خان ڪنهن ڀارتي اڳواڻ سان ملاقات نه ڪئي آهي، اهڙا بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، پي ٽي آءِ ڀارت جي ڪنهن بيانئي جو حصو ناهي، ڪنهن ڀارتي اڳواڻ سان ملاقات جا الزام حقيقت تي ٻڌل ناهن. الزام هڻندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، مختلف وزيرن کي ليگل نوٽس موڪليا ويندا. ھن چيو ته قاسم خان تي لڳايل الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي مبني آهن، سندس تقرير سوشل ميڊيا تي موجود آهي جنهن ۾ ڪا تڪراري ڳالهه ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته  تحريڪ انصاف جي ايس پي پلس  جي خلاف ناهي