| جي ايم سيد سنڌين کي متحد ڪري دنيا سان بيهاريو: صنعان |
ملير (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سائين جي ايم سيد نه رڳو اسان کي وساريل سنڌ ياد ڏياري پر ذاتين ۽ قبيلن ۾ ٽڙيل پکيڙيل سنڌي قوم کي عالمي اصولن تحت هڪ قوم جي حيثيت ڏئي دنيا جي قومن سان گڏ بيهاريو، ڪالهه اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جي ايم سيد سنڌ قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ سياست، تاريخ، مذهب، توصف ، ڪلچر ۽ سماجيات تي 62 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، هن چيو ته سائين جي ايم سيد تاريخ جو سچ آهي، 17 جنوري تي 122هين سالگرھ تي سن ۾ تاريخي جلسو ڪري سلامي ڀرينداسين،