جي ايچ ڪيو حملو ڪيس: گنڊاپور، شبلي، زين قريشي، شهريار سوڌو 25 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڊسمبر 8, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي ايچ ڪيو حملو ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه غير حاضر 25 جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت وزير اعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز، ڪنول شوزب، مخدوم زين قريشي، شهريار آفريدي، بلال اعجاز، راجه راشد حفيظ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. عدالت سي پي او راولپنڊي کي وارنٽس تي تعميل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته وارنٽ گرفتاري جي تعميل لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙي ڏني وڃي. ايندڙ ٻڌڻي تي سي پي او ۽ راولپنڊي جي انتظاميا پيش ٿي گرفتاري وارنٽ جي تعميل تي رپورٽ پيش ڪري.

Leave A Comment