جي ايچ ڪيو حملو ڪيس ۾ عمران سوڌو 100 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو: عمر ايوب، راجا بشارت ۽ ملڪ احمد گرفتار
ڊسمبر 6, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) 9 مئي تي جي ايچ ڪيو حملو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شيخ رشيد سوڌو 100 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ 9 مئي تي جي ايچ ڪيو حملو ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ باني سوڌو ٻين پاران عدالت آڏو ڏوهه باسڻ کان انڪار ڪيو ويو، فرد جرم ۾ پي ٽي آءِ جي 70 اڳواڻن تي الزام آهي ته هُنن 9 مئي جي منصوبا سازي ڪئي، ڪارڪنن کي هنگامن ۽ عسڪري توڙي سرڪاري ٺڪاڻن تي حملن لاءِ ڀڙڪايو، عدالت استغاثا جي شاهدِي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ 10 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، جڏهن ته اڊيالا جيل ٻاهران موجود پوليس ٻڌڻي بعد اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، ملڪ احمد چٺا، عظيم الدين ۽ اڳوڻي صوبائي وزير پنجاب راجا بشارت کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري جا ڪارڻ نه ٻڌايا. فواد چوڌري، زرتاج گل ۽ شيخ رشيد اڊيالا جيل مان روانا ٿي ويا کين گرفتار نه ڪيو ويو، ڪيس ۾ زرتاج گل، فواد چوڌري سوڌو 143 جوابدار نامزد آهن، عدالت 23 جوابدارن کي اڳ ئي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي جن ۾ شهباز گل، ذلفي بخاري، مراد سعيد به شامل آهن، هوڏانهن جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ باني تحريڪ انصاف پاران عدالتي دائره اختيار کي چئلينج ڪرڻ متعلق داخل درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست خارج ڪري ڇڏي. اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمر ايوب جي گرفتاري تي اڄ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اسد قيصر چيو ته عمر ايوب سوڌو سڀني جي ضمانت ٿيل آهي ان باوجود گرفتار ڪيو ويو.