| جي سيون جو بيان مداخلت: اسرائيل جي ملوث هجڻ جا ثبوت آهن: ايران |
تهران (م ڊ) ايران جي سيون ملڪن جو بيان مداخلت قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ پرتشدد احتجاج ۾ اسرائيل جي ملوث هجڻ جون ترديد نه ٿيڻ جوڳيون شاهديون موجود آهن. ايراني اختيارين چيو ته احتجاج کي پرتشدد بڻائڻ ۾ دهشتگرد عنصر شامل هئا، جن آمريڪي ۽ اسرائيلي مداخلت سان مدد حاصل ڪئي. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن کي خط لکي دعويٰ ڪئي ته ڪجهه بيان ۽ اعتراف واضح شاهديون آهن ته اسرائيلي انٽيليجنس آپريٽر احتجاج ۾ موجود هئا.