جي يو آءِ به چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف رستن تي اچڻ لاءِ تيار

فيبروري 22, 2024

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ)جي يو آءِ ف عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو، فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته لاڳيتو ٻن چونڊن ۾ ڌانڌلي بعد پارليامان جي ڪهڙي اهميت رهجي وئي آهي

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو

 اجلاس ۾ ٺهراءُ پڻ منظور منظور ڪيو ويو جنهن موجب مرڪزي جنرل ڪائونسل پارلياماني سياست کان علحدگي جو اعلان ڪري ته ساٿ ڏينداسين

اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ اليڪشن کانپوءِ مسلسل ٻئي اليڪشن تڪراري هجي ته پارليامان جي ڪهڙي اهميت هوندي

سندس چوڻ هو ته 2018 جي اليڪشن کانپوءِ خيال هو ته 2024 جون چونڊون منصفاڻي نموني ٿينديون پر هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي خواهش کي چِٿيو ويو

Leave A Comment