اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي مخصوص سيٽن تي مبينه طور تي ڪنهن ٻئي عورت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل آر او کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
جمعيت علماءِ اسلام طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن اسان جي مخصوص سيٽ تي صدف احسن نالي عورت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي
جي يو آءِ موجب صدف احسان نالي عورت نه اسان جي پارٽي ميمبر آهي نه ئي اهو نالو اسان جي فهرست ۾ آهي، صدف احسان جو نوٽيفڪيشن رد ڪري حنا بي بي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي
جمعيت علماءِ اسلام طرفان مطالبو ڪيو ويو ته آر او کي معطل ڪرڻ سان گڏ غلط نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي جاچ ڪرائي وڃي