جي يو آءِ حڪومت يا اپوزيشن جو ساٿ ڏيندي؟ پي ٽي آءِ کانپوءِ صدر زرداري به فضل الرحمان وٽ پهچي ويو: قانونسازي تي مشاورت
آگسٽ 24, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اهم قانونسازي ۾ جي يو آءِ حڪومت يا اپوزيشن جو ساٿ ڏيندي؟ فضل الرحمان جو ڪردار اهم بڻجي ويو، پي ٽي آءِ جي ملاقات کانپوءِ صدر زرداري به وٽس پهچي ويو. ڪالهه صدر آصف زرداري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس گهر پهچي ويو، ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ جي يو آءِ جا مرڪزي اڳواڻ موجود هئا، جاري ٿيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات دوران ايندڙ هفتي ٿيندڙ امڪاني قانونسازي تي تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا. صدر زرداري فضل الرحمان کي بندوق جو تحفو به پيش ڪيو، ذريعن موجب ملاقات ۾ جي يو آءِ سان حڪمران اتحاد تي تحفظات تي به ڳالهه ڪئي وئي، ذريعن موجب جي يو آءِ ۽ حڪمران اتحاد۾ ويڇا گهٽجي رهيا آهن، آصف زرداري رياست جي سربراهه طور آيو، گهرو وزير به گڏ هو، جي يو آءِ جي خدشن کي سنجيده ورتو پيو وڃي، وڌيڪ ملاقاتون ٿينديون. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ وفد فضل الرحمان سان ملاقات ڪري پارليامينٽ ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ پاران پارليامينٽ ۾ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون به ٺاهيون ويون هيون.