جي يو آءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: نٿو لڳي ته اليڪشن وقت تي ٿيندي: فضل الرحمان

جنوري 2, 2024

ڊي آءِ خان (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن تي خدشا ظاهر  ڪندي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اسان نٿا سمجهون ته اليڪشن ٿي سگھندي. اليڪشن ۾ وڃڻ چاهيون ٿا پر ماحول به ملڻ گھرجي. منهنجي قافلي تي فائرنگ جو واقعو سوال اٿاري رهيو آهي.  ڊي آءِ خان ۾ ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته اليڪشن چند ڏينهن لاءِ اڳتي ٿي وڃي ته ان ۾ ڪو حرج نه آهي. هن چيو ته آئون گھر هئس، منهنجي قافلي جي گاڏين تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو. فائرنگ جو واقعو سوال اٿاري رهيو آهي.  اسان جي گاڏين کي به گوليون لڳيون هيون. هن چيو ته رات جي وقت واقعو ٿيو، اهو بي امني جو واقعو آهي. ان صورتحال ۾ ٻڌايو وڃي ته اسين چونڊ مهم ڪيئن هلايون؟ پهرين به چئي چڪو آهيان ته اليڪشن بابت حالتن جو اندازو ناهي لڳايو ويو. هن چيو ته ملڪ جي بگڙجندڙ صورتحال افسوس جوڳي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هئس ته ان وقت مون کي ٿريٽ مليو. اليڪشن ڪمشنر چوي ٿو ته ٻن صوبن ۾ حالتون ٺيڪ آهن،  باقي ٻن صوبن جي لاءِ دعاڳو آهيون. اسين چئون ٿا ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ امن امان متاثر آهي. وزيرستان، ٽانڪ ۾به اسان جي قيادت تي حملا ٿيا.  هن چيو ته اليڪشن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ضرورت جي بنياد تي ڪنداسين، في الحال اهڙي صورتحال نه آهي.  سندس چوڻ هو ته اليڪشن جي تاريخ اچي وئي آهي ان ڪري مصروفيتون وڌي ويون آهن، ٿي سگهي ٿو ايندڙ هفتي فغانستان وڃان. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته رڳو پي ٽي آءِ جي اميدوارن جا ڪاغذ رد ناهن ٿيا، اختر مينگل جا به ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اسان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي هئي، هاڻي ٻيهر لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

Leave A Comment