| جي پي ايس پلس اسٽيٽس ختم ڪرائڻ جي ڪوشش معاشي تخريبڪاري آهي: سياسي قيادت جو ردعمل |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستاني سياسي قيادت جي پي ايس پلس اسٽيٽس ختم ڪرائڻ واري ڪوشش کي معاشي تخريبڪاري قرار ڏئي ڇڏيو. وزير اطلاعات عطاءَ الله تارڙ چيو آهي ته هڪ سياسي جماعت ذاتي مفادن خاطر ملڪ دشمن عنصرن سان گڏجي سازشن ۾ مصروف آهي، سياسي مخالفت ۾ ملڪ جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. تحريڪ انصاف عارف اجاڪيه سان گڏجي ملڪ خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن پنهجي چئن سالن جي اقتدار واري دور ۾ ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ۽ هاڻي به سياسي مقصدن لاءِ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. قومي اسيمبلي جي ميمبر نبيل گبول چيو ته باني پي ٽي آءِ جو پٽ هجي يا ڪو ٻيو، غداري پي ٽي آءِ جي رت ۾ شامل آهي، جي ايس پي پلس اسٽيٽس رد ڪرڻ لاءِ پاڪستان مخالف تخريبڪاري ڪئي پئي وڃي، شرميلا فاروقي چيو ته جي ايس پي پلس جهڙو معاملو ڪنهن فرد يا جماعت بابت نه پر لکين مزدورن جي روزگار سان جڙيل آهي، ۽ سياسي بيان بازي ملڪ جي مفادن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. اڳوڻي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي معطل ڪرڻ جي ڳالهه غير ضروري ۽ سخت مذمت جوڳي آهي، صوبائي وزير اطلاعات پنجاب عظميٰٰ بخاري چيو ته عالمي فورمز تي پاڪستان خلاف بيانيه سياست ملڪ جي ساک ۽ برآمدات لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي، جي پي ايس پلس اسٽيٽس پاڪستان جي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي منفي سياست يا بيان بازي کي ملڪ جي مفادن خلاف قرار ڏنو پيو وڃي. پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي پٽن پاران جي ايس پي پلس بابت ڏنل بيان افسوسناڪ ۽ غير ذميواراڻو آهي، ۽ اهڙي حساس معاملي تي غير سنجيده ڳالهيون قومي مفاد جي خلاف آهي. اهڙن بيانن سان پاڪستان جي برآمدات ۽ عالمي ساک متاثر ٿي سگهي ٿي. حنا پرويز بٽ چيو ته هيومن رائٽس ڪائونسل ويندڙ باني پي ٽي آءِ جي پٽن کي غزه جي معصوم ٻارن لاءِ آواز اٿارڻ جي توفيق نه ٿي، ڪجهه عالمي لابيون پاڪستان خلاف سرگرم آهن. اختيار ولي چيو ته جنيوا ۾ ويهي پاڪستان خلاف بيان ڏيڻ قابل مذمت آهي، مرزا اختيار بيگ چيو ته پاڪستان ڏهاڪن جي محنت بعد جي ايس پي پلس اسٽيٽس حاصل ڪيو آهي، قومي مفاد کي هر حال ۾ ترجيح ملڻ گهرجي.