سانگهڙ (رپورٽر) ضلعي ڪائونسل سانگهڙ جي چيئرمين لاءِ جي ڊي اي اميدوارن پ پ جي لاءِ رستو صاف ڪري علي حسن ھنڱورجو چيئرمين ۽ ڄام ظھير علي وائيس چيئرمين طور بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا
جي ڊي اي جو اميدوار عبدالحڪيم راڄڙ ۽ وائيس چيئرمين تان محمد حسن مري ھٿ کنيو جنهن کانپوءِ پ پ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا
ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ ڪامياب ٿيل علي حسن ھنڱورجو پاران نون چونڊجي آيل ضلع ڪائونسل جي ميمبرن جي اعزاز م هڪ تقريب به رکي جنهن ۾ ايم اين اي نويد ڏيرو. ايم پي اي ڄام شبير. اڳوڻو صوبائي وزير حسن علي چانيھون. پ پ پ ضلع سانگھڙ جو جنرل سيڪريٽري جھانگير جوڻيجو . اورنگزيب مري. رخسانا شر سميت ٻين اگواڻن شرڪت ڪئي
ان موقعي تي علي حسن ھنڱورجو خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جي عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪري اسان کي تاريخي فتح ڏياري اسين جي عوام جي بنا فرق خدمت ڪنداسين