| جي ڊي اي جو حصو آهيون، پير پاڳارو نئون اتحاد نه پيو ٺاهي: زين شاهه |
هالا (ن پ ا) ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو آهي ته اسين جي ڊي اي جو حصو آهيون، پير پاڳارو نئون اتحاد نه پيو ٺاهي، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو نظام وڌي ويو آھي،بيگناھ نياڻين کي سرعام قتل ڪيو پيو وڃي،ڪارو ڪاري جا واقعا ان ڪري به وڌن ٿا جو جوابدارن کي سزا نٿي ڏني وڃي،اگر جوابدارن کي ڦاھي جي سزا ڏني وڃي تہ اھڙا واقعا نه ٿيندا، صحافين سان ڳالهائيندي زين شاهه وڌيڪ چيو ته قومپرست جماعتون ڪارو ڪاري واقعن خلاف آواز اٿارينديون رھيون آهن، پر حڪومت مڪمل خاموش آهي، 27 ھين ترمين کان پوء عدالتون ڪمزور ٿي ويون آھن،عوام کي ھاڻي عدالتن تي اعتماد ناھي رھيو ھاڻي 28 ھين ترميم اچي ته ڏسون ڇا ٿو ٿئي اگر 28 ھين ترميم سنڌ دشمن ھوندي ته ان کي رد ڪنداسون،پير پاڳاري جو ڪوبه اتحاد نه پيو ٺھي، جي ڊي اي جو اسين حصو آھيون،باقي سياستي نظريا سڀ ڪنھن جا مختلف آھن.