جي ڊي اي پاران نوان جتوئي ۽ دريا خان مري ۾ پاور شو: مزاحمت اعلان: حساب ٿيندو: راشد شاهه  

جي ڊي اي پاران نوان جتوئي ۽ دريا خان مري ۾ پاور شو: مزاحمت اعلان: حساب ٿيندو: راشد شاهه  

مورو/نوشهرو فيروز (نمائندن وٽان) جي ڊي اي پاران نوان جتوئي ۽ دريا خان مري ۾ پاور شو: مزاحمت جو اعلان،  ان ڏس ۾ نوان جتوئي۾ واقع  جتوئي هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ۽ دريا خان مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي  جي ڊي اي اڳواڻ سيد راشد شاھ راشدي چيو آهي ته اسان حڪمرانن  کان ڊڄڻ وارا ناھيون ۽ نه ئي پوئتي ھٽنداسين، تحريڪ اڃا زور وٺندي، هن گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي حوالي سان چيو ته  مون سندس نالو اڳ ڪڏھن ناھي ٻڌو ۽  نه کيس ڏٺو آھي ۽ نه ان جو گھر ڏٺو آھي. اسان سندس قيادت کي ذميوار سمجهون ٿا، اسان گو زرداريءَ گو ۽ نو زرداريءَ نو واري پليٽ فارم تي ڪم ڪنداسين.  هن چيو ته وقت ضرور تبديل ٿيندو، کين  ظلمن جو حساب ڏيڻو پوندو. ھن چيو ته ڪراچي ۾ سسٽم پيو ھلي، صوبي جي معشيت ويھي وئي آھي. آئيس جو نشو عام آھي، پوليس منٿليون پئي  وٺي، جيڪا منسٽرن تائين پھچائي پئي وڃي، هن چيو ته  ھر قسم جي غنڊا گردي، ڀتا خوري، زمينن تي قبضا ۽ ھر خرابي سنڌ  اندر ھلي پئي. هن چيو ته جڏهن پنھنجن سنڌي ماڻھن کي پنجاب گھمائڻ لاءِ وڃون ٿا ته اهي اتان جي ترقي ڏسي پريشان ٿي وڃن ٿا،  سنڌ ۾ عوام کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. ھن چيو ته  غلام مرتضيٰ جتوئي  اسان جو وڏو آھي،  هو  پير پاڳاري جو ننڍپڻ  دوست به آھي، مرتضيءِ جتوئي ۽ سندس ڪارڪنن تي ڪيس پيا ٿين،سان جي دل چئي ٿي اسان تي به ڪيس داخل ڪن، اسان به حق جي خاطر جيل وڃڻ لاءِ تيار آھيون  حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا ته ٻه ٽي ڪيس اسان تي  به داخل ڪن. اسان سياسي مخالفن کي واضح ڪرڻ چاھيون ٿا ته اهي ڪريل ھٿڪنڊن کان باز اچن، ٻي صورت سخت جواب ڏنو ويندو. اسان پر امن رھيا آھيون پر ھاڻي مزاحمت جو وقت اچي ويو آھي. هن چيو ته عزت ۽ ذلت خدا پاڪ جي هٿ ۾ آھي پير پاڳاري  ھدايت ڪئي  آهي ته غلام مرتضيٰ  جتوئي جو حر ٿي ساٿ ڏبو، سنڌ جي شيرن کي گڏ ڪريون پيا، ھڪ مھيني ۾ سنڌ جا 12 شير گڏ ڪنداسين، پوءِ خبر پوندي ته گدڙ ڪٿي ٿا لڪن؟  ھر مھيني غلام مرتضيٰ  جتوئي جي جتوئي ھائوس تي ايندو رھندس، جلسي کي خطاب ڪندي اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته سنڌ ۾ مغلن ۽ ارغونن جي دور ۾ به اھڙو ظلم نه ھو جيڪو اڄ پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي، اسان قانون ھٿ ۾ کڻڻ نه ٿا چاھيون، اوھان ۾ دم آهي ته اسان جا گهر ڊاھي ڏيکاريو،  ايس يو پي جي چيئرمين سيد زين شاهه چيو ته موري جي عوام سان وڏو ظلم آهي، بجراڻي لغارين کانپوءِ  دريا خان مري ۾ اين پي پي وارن جو پيٽرول پمپ سيل ڪيو ويو، مارڪيٽ ڊاٺي وئي،    اسان اھڙي ظلم کي نٿا مڃون،  جي ڊي اي اڳواڻ حسنين مرزا چيو ته سنڌ جا حقيقي وارث اسان آھيون، فتح اسان جي ٿيندي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو چيو ته حڪومت غريبن کان ڳڀو به کسي ورتو آهي، هاڻ مزاحمت ٿيندي،  جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته دريا خان مري جي عوام جو جذبو ڏسي يقين ٿيو آهي ته فتح عوام جي ٿيندي