اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ جي ڊي اي جي ميمبر فهميده مرزا وزيراعظم شهباز شريف کان نگران وزيراعظم جي عهدي تي مقرري لاءِ مشاورت ۾ مخالفت ڌر جي سمورين پارٽين کي به شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
هن چند ڏينهن ۾ وڏي تعداد ۾ قائدن جي خلاف بلن جي منظوري کي ظلم قرار ڏئي ڇڏيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پوائنٽ اف آرڊر تي ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته متاثر سرڪاري ملازمن بابت ڪاميٽي جون هدايتون بيورو ڪريسي نه مڃي رهي آهي، هڪ سيڪريٽري جي ڳالهه نه مڃي وڃي ته چون ٿا ظلم ٿي ويو
پارليامينٽ کان وڏو ڪو ادارو نه آهي، ان جي ڳالهه ڇو نه پئي مڃي وڃي، ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته بيوروڪريسي تي متاثر ملازمن بابت خصوصي ڪاميٽي جا حڪم مڃڻ لازم آهي، جيڪڏهن متاثر ملازمن کي ريگيولر نه ڪيو ويو ته لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سوالن جي وقفي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر صلاح الدين چيو ته والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪري ڀارت وڏو ظلم ڪيو
انساني حقن جي خلاف ورزين بابت هن وقت پاڪستان جي خلاف ڀارت ۽ اسرائيل جهڙا ملڪ پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته پاڪستان جي خلاف انساني حقن بابت ناڪاري پروپيگنڊا جو پرڏيهي وزارت ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي، جماعت اسلامي جي ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي الزام لڳايو ته گهرو وزارت ۾ اسلحي جي لائسنس جي نالي تي پيسو هلي رهيو آهي، اسپيڪر چيئر تان رولنگ ڏني وڃي ته پارليامينٽ جي سمورن ميمبرن جا اسلحي جا لائسنس سومر تائين ٺهي وڃڻ گهرجن
پيپلزپارٽي جي ميمبر علي موسيٰ گيلاني چيو ته عوام جون هن چونڊيل ايوان سان تمام گهڻيون اميدون لاڳاپيل آهن، اسان اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ٿا جو جمهوريت جو ڳلو گهٽيو ويندو آهي، جي ڊي اي جي ميمبر فهميده مرزا چيو ته ڪنهن ميمبر کي خبر ئي ناهي هوندي ته اسان ڪهڙي قانون سازي ڪري رهيا آهيون
قانون سازي لاءِ بل اسٽينڊنگ ڪاميٽين ۾ وڃڻ ضروري آهي، هن چيو ته يونيورسٽين جي لاءِ قانون سازي صوبائي معاملو آهي، ان جي باوجود وڏي تعداد ۾ بل منظور ڪيا ويا، اميد آهي ته سينيٽ ۾ ان قانون سازي جو رستو روڪيو ويندو، ايوان ۾ مخالف ڌر جي آواز کي بند ڪيو ويو آهي، هتي جيتري قانون سازي ڪئي وئي ان جو عوامي اشوز سان ڪو تعلق نه هو
فهميده مرزا چيو ته نگران سيٽ اپ جي لاءِ وزيراعظم کي تمام اپوزيشن جي جماعتن کي مشاورت ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو