جي ڊي اي پاران ڪامورن جي ڊي آر اوز طور مقرري ۽ نثار دراني تي خدشا: احتجاج جي ڌمڪي: ڪرپٽ مافيا کان نجات ڏياربي: پير پاڳارو

ڊسمبر 13, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) جي ڊي اي پاران اليڪشن جون تياريون، اليڪشن ڪميشن پاران ظاهر ڪيل خدشا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جي ڌمڪي، پير پاڳاري پاران اڳواڻن کي مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن کي جي ڊي اي ۾ شموليت لاءِ دعوت ڏيڻ جو ٽاسڪ سونپيو ويو

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي پير پاڳاري جي صدارت هيٺ راجا هائوس ڪراچي ۾ اهم سياسي ويهڪ ٿي، جنهن ۾ اليڪشني سرگرمين جي حوالي سان مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس، لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم، فهميده مرزا، ذوالفقار مرزا، عرفان الله مروت ۽ يبن شرڪت ڪئي

  اجلاس ۾ لياقت جتوئي جي ڊي اي ۾ شموليت بعد پهريون ڀيرو پير پاڳاري سان ملاقات ڪري کيس دادو ضلعي جي سياسي صورتحال بابت تفصيلي آگاهي ڏني

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ميمبر نثار دراني هٽائي انتظامي ڪامورن کي  ڊي آر اوز ۽ آر اوز مقرر ڪرڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته جي ڊي اي پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو

اجلاس ۾ پير پاڳاري جي ڊي اي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف سياسي جماعتن جي سرگرم اڳواڻن کي جي ڊي ايم شموليت جي دعوت ڏيڻ لاءِ ساڻن رابطو ڪن

 اجلاس ۾ ڳالهائيندي پير پاڳاري چيو ته سنڌ جي عوام کي ڪرپٽ مافيا کان نجات ڏيارڻ لاءِ جي ڊي اي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، هن چيو ته جي ڊي اي ئي سنڌ جي عوام لاءِ متبادل پليٽ فارم آهي، صوبي جي خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي

 اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڏهاڙي ڌانڌلي روڪڻ لاءِ  ضلعي سطح تي  ٽيمون ٺاهيون وينديون

Leave A Comment