ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) عام چونڊن کان اڳ اهم شخصيتن جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي
ان حوالي سان ڪالھ شڪارپور ضلعي جي اهم سياسي شخصيت ۽ جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر سان سندس رھائشگاھ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو
صوبائي ناصر حسين شاهه، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين پهچي ملاقات ڪئي، جنهن دوران غوث بخش مهر پپيلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ، انهي ملاقات ۾ غوث بخش مهر جو پٽ ۽ شڪارپور جو اڳوڻو ضلعي ناظم عارف مهر به موجود هو
جڏهن ته غوث بخش مهر جو ننڍو پٽ ۽ جي ڊي اي ايم پي اي شهريار مهر پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري ملاقات ۾ شامل نه ٿي سگهيو ، ھوڏانھن پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ غوث بخش مھر چيو ته پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي اعتماد جو اظھار ڪندي پ پ ۾ شامل ٿي رھيو آھيان