جي ڊي اي کي ھڪ ٻيو وڏو سياسي جھٽڪو: سردار علي گوھر مھر به پ پ ۾ شامل

آڪٽوبر 19, 2023

ڪراچي/ گهوٽڪي ( رپورٽ: فقير سليم ۽ ماجد سنگهڙ ) پ پ پاران جي ڊي اي کي ھڪ ٻيو وڏو سياسي جھٽڪو، شڪاپور جي  غوث بخش  مھر ۽ سندس پٽن کانپوءِ  گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ سردار علي گوھر مھر به پ پ ۾ شامل ٿي ويو

 ڪالهه سردار علي گوھر مھر بلاول هائوس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت جو باضابطه  طور اعلان ڪيو، آصف علي زرداري کيس پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چيو

 ان موقعي تي اڳوڻو صوبائي وزير سيد ناصر شاھ پڻ موجود ھو، واضح رهي ته سردار علي گوهر مهر سان پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ سيد ناصر شاهه ڪجهه وقت اڳ ڪراچي ۾ ملاقات ڪري پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ڪيو هو

سردار علي گوهر مهر جا 2013ع واري اليڪشن بعد پيپلزپارٽي سان اختلاف ٿيا، 2020ع ۾ اڳوڻي وزير اعليٰ سردار علي محمد مهر جي لاڏاڻي بعد علي گوهر مهر جو پنهنجي سئوٽ محمد بخش  مهر سان ننڍي چونڊ ۾ اختلاف پڻ ٿيو هو

Leave A Comment