| جي ڊي اي ۽ نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي ۾ رابطن تي اتفاق |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيشنل ڊائلاگ ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد علي دراني، عمران اسماعيل، فواد چوڌري، بيرسٽر سيف، وسيم شهزاد ۽ محمود مولوي حرن جي روحاني پيشوا ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير صاحب پاڳاري سان سندس رهائشگاهه راجا هائوس ۾ ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ راشد شاهه راشدي، معظم عباسي، محمد خان جوڻيجو ۽ ٻيا موجود هئا، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، معاشي بحران ۽ وفاقي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نيشنل ڊائلاگ ڪاميٽي جي اڳواڻن پير صاحب پاڳاري کان درخواست ڪئي ته هو ملڪ کي موجوده بحراني صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو قومي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪن۔ وفد پير صاحب پاڳاري کي ڪراچي ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين سياسي شخصيتن سان ٿيل تازين ملاقاتن توڙي پنهنجي سياسي رابطن ۽ مستقبل جي پروگرام بابت پڻ آگاهه ڪيو۔ان موقعي تي پير صاحب پاڳاري وفد جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ چيو ته پاڪستان جي بقا، وفاق جي مضبوطي ۽ قومي اتحاد سندن لاءِ سڀ کان اهم آهي هن چيو ته ملڪ کي درپيش چيلينجن مان نڪرڻ لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي سنجيدگي سان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ملاقات ۾نيشنل ڊائلاگ ڪاميٽي ۽ جي ڊي اي قيادت ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ قومي هم آهنگي لاءِ مستقبل ۾ به رابطا ۽ مشاورت جو سلسلو جاري رکيو ويندو،