ھنڱورجا (ن پ ا) درگاھ سخي ناصر شاھ لڪياري جو سجاده نشين ۽ جي ڊي اي جو اڳوڻو ايم اين پير سيد ڪاظم علي شاھ لڪياري ۽ فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي
خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاھ لڪياري، ايڊووڪيٽ نثار ڀنڀرو پنھنجي ساٿين سميت جي ڊي اي کي الوداع ڪري پ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپور سان ڪراچي زرداري ھائوس پھچي پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آھي
سيد ڪاظم علي شاھ لڪياري 2013جي اليڪشن ۾ جي ڊي اي ٽڪيٽ تي پ پ پ جي سيد جاويد علي شاھ جيلاني کي شڪست ڏئي ايم اين اي منتخب ٿيو ھيو، سيد ڪاظم علي شاھ لڪياري جي شموليت سان سندس جا سمورا ويجھا ساٿي به پ پ پ شامل ٿي ويا آھن