جپان ۾ ڪبوتر مارڻ جي الزام ۾ ٽيڪسي ڊرائيور گرفتار

ڊسمبر 7, 2023

ٽوڪيو (پنهنجي ڊيسڪ) گھڻا ماڻهو ڪبوترن کي پسند ڪندا آهن ڇو جو اهي هر هنڌ گھڻي انگ ۾ نظر ايندا آهن ۽ انسانن کان ناهن گھٻرائيندا پر جپان ۾ ڪبوتر ڏوهن جو شڪار بڻجي رهيا آهن، گھٽ ۾ گھٽ هڪ هاڻوڪي ڪيس مان ته اهو ئي اشارو ملي ٿو. يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر جپان ۾ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور کي ڪبوتر جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

 ٽوڪيو جي 50 ورهين جي Atsushi Ozawa نالي ڊرائيور تي الزام آهي ته هن ڄاڻي واڻي پنهنجي ٽيڪسي کي ڪبوترن جي ولر تي چاڙهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پکي مري ويو. اهو واقعو نومبر ۾ پيش آيو هو ۽ پوليس موجب جوابدار پنهنجي گاڏي کي هڪ ڪبوتر کي قتل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، ٽيڪسي ڊرائيور کي وائلڊ لائيف پروٽيڪشن قانونن تحت حراست ۾ ورتو ويو آهي

 جاپاني ميڊيا موجب جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته هن ڪبوتر تي گاڏي ان ڪري چاڙهي ڇو جو روڊ ماڻهن لاءِ آهن، ڪبوترن کي پاڻ گاڏين کان بچائڻ گھرجي

 جپان ۾ ڪبوترن جي مخصوص قسمن جو شڪار ڪري سگھجي ٿو، پر شهرن ۾ رهندڙ عام ڪبوترن کي مارڻ جي اجازت ناهي

 مقامي ميڊيا موجب ٽيڪسي ڊرائيور ٽريفڪ سگنل گرين ٿيڻ کان پوءِ 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گاڏي پکين جي مٿان چاڙهي ڇڏي، ان واقعي جي رپورٽ هڪ واٽهڙو داخل ڪرائي هئي، ان کان پوءِ طبي ماهرن ڪبوتر جو پوسٽ مارٽم ڪري ٻڌايو ته ان جو موت گاڏي جي ٽڪر ۾ ٿيو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • اسان جا ٻار حميرا اصغر جيان ڪو نه مرندا : فضا علي

  • لاڙڪاڻو: عورت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

  • جمشيد دستي جا تعليمي سرٽيفڪيٽ جعلي قرار

  • ريلوي کاتي 11 ٽرينن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ورتو