اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي
اسلام آباد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات پرويز الاهي خلاف جديشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي پوليس پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو
ٻڌڻي دوران پرويز الاهي روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته ڪالهه مونکي اسلام آباد مان واپس لاهور وٺي ويا، منهنجي گهرڀاتين سان ملاقات به نه ڪرائي وئي، گهرڀاتين سان ملاقات جو مناسب حڪم ڏيو ان تي جج چيو ته جيل وارا به اوهان جي فيملي آهن
اي ٽي سي جي جج پڇاڻو ڪيو ته پرويز الاهي ڪڏهن آجو ٿيندو؟ صفائي واري وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته ڪڏهن ڪهڙي شهر ته ڪڏهن ڪهڙي شهر چڪر لڳرائي رهيا آهن، ڪهڙو ڪيس آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس آهي
ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن پنجاب پرويز الاهي جي راهداري رمانڊ جي درخواست داخل ڪئي پر عدالت پي ٽي آءِ صدر کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ سندس هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ به منظور ڪري ورتو