جڙانوالا واقعو برداشت نه ٿيڻ جوڳو آهي، قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏبو: آرمي چيف

آگسٽ 17, 2023

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جڙانوالا واقٿو تمام افسوسو جوڳو ۽ برداشت نه ٿيڻ جوڳو آهي

آءِ ايس پي آر جي انٽرن شپ پروگرام ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته  اقليتن خلاف اڻ سهپ ۽ انتهاپسنداڻي رويي جي گنجائش نه آهي.  اسان جي معاشري ۾ جڙانوالا جھڙن واقعن جي گنجائش ڪونهي

هن چيو ته نوجوان سچ، اڌ سچ ۽ ڪوڙي ڄاڻ ۾ فرق سمجهن. آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جا سمورا شهري بنا فرق جي مذب، جنس، ذات جي بنياد تي برابر آهن

هن چيو ته ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي، اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوان ملڪ جي امن، ترقي، ۽ خوشحالي ۾ گھڻو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي