جڙانوالا واقعي ۾ ملوث 100 ڄڻا گرفتار: اعليٰ سطحي جاچ جي هدايت: فيصل آباد ضلعي ۾ ڪاروبار بند: عام موڪل جو اعلان

آگسٽ 17, 2023

فيصل آباد(پنهنجي ڊيسڪ) جڙانوالا واقعي ۾ ملوث 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته پنجاب جي نگران حڪومت  اعليٰ سطحي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

تفصيل موجب پنجاب جي علائقي جڙانوالا ۾ مڇريل ماڻهن پاران مسيحي آباديءَ تي حملو ڪري چرچ ۽ سرڪاري عمارتن کي باهيون ڏيڻ واري واقعي جي پنجاب جي نگران وڏي وزير واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ جي هدايت ڪئي

پنجاب سرڪار جي ترجمان چيو آهي ته سوچيل سمجهيل سازش تحت امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي حملن ۾ ملوث 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف فيصل آباد ضلعي ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميا پڻ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب تعليمي ادارا به بند ٿي ويا آهن

گذريل ڏينهن پنجاب صوبي جي ٻئي نمبر وڏي شهر فيصل آباد جي تعلقي جڙانوالا ۾ توهين مذهب جي الزام هيٺ ڪيترن ئي چرچ ۽ گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه بعد باهيون ڏنيون ويون

پادري عمران ڀٽي نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته عيسيٰ نگري ۾ واقعي سيلويشن آرمي چرچ، يونائيٽيڊ پريس بيٽيرين چرچ ۽ شهرون والا چرچ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي اهو مسيحي شخص جنهن تي توهين مذهب جو الزام لڳايو ويو ان جي گهر کي به باهه ڏني وئي

پنجاب پوليس جي سربراهه عثمان انور جو چوڻ هو ته پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري رهي آهي علائقي کي گهيري ۾ آڻي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، ڪجهه گرجا گهرن جي ڪجهه حصن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي، مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر کي به محفوظ هنڌ  منتقل ڪيو ويو آهي

 چرچ آف پاڪستان جي صدر بشپ آزاد مارشل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بائبل جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جو الزام هڻي مسيحي ماڻهن تي تشدد ڪري هراسان ڪيو ويو، انصاف ڪيو وڃي، سمورا پادري، بشپس ۽ ٻيا ماڻهو ڏکايل آهن

اسسٽنٽ ڪمشنر جڙانوالا شوڪت مسيح جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪلام پاڪ جي مبينا بي حرمتي جون خبرون هلڻ بعد مڇريل ماڻهن ڀڃ ڊاهه شروع ڪري ڏني، مڇريل ماڻهن اي سي جي آفيس تي به حملو ڪري ڏنو

فيصل آباد پوليس پاران جاري ڪيل ٽويٽ ۾ چيو ويو آهي ته جڙانوالا ۾ ڪلام پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي جو مسيحي نوجوان تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، شهرين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي وئي

عيسيٰ نگري ۾ 15 گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، مسيحي بستي ۾ به گهرن کي باهيون ڏنيون ويون، ڪرسچين ڪالوني، ناصر ڪالوني، مهارا والا، چڪ نمبر 120 ۾ به ڇڪتاڻ رهي، گهرن مان ڦرلٽ به ڪئي وئي

 وڳوڙن دوران پوليس صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بيوس نظر آئي

جڙانوالا جي گرجا گهرن جي انچارج فادر خالد مختار بي بي سي کي ٻڌايو ته شهر ۾ 6 گرجا گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي، منهنجي رهائشگاهه کي به باهه ڏني وئي

هوڏانهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جڙانوالا ۾ اقليتن جي ملڪيتن تي حملي جي مذمت ڪئي آهي ، جڙانوالا جي منظرن مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي، اقليتن کي نشانو بڻائڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو

Leave A Comment