جھريل جھوپا پنھنجا- هانءُ به هڄيل پنهنجا. اھا سٽ ته علي بابا جي مشھور گيت `اسين ماڻھو لاڙ جا م، دريا جي پاڇاڙ جا ` جي آھي، جنھن کي جيجي زرينا بلوچ ڳائي امر ڪري ڇڏيو، پر اھي جھريل جھوپڙا سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۾ اڃان به ائين ئي آھن، جيڪي صدين جي ھڪ طرف ثقافتي رنگ ۽ سماجي بيھڪ ته ٻئي طرف غربت، بک، ڏتڙيل حالتن ۽ آفتن دوران ھيڻائي ۽ ڪمزورين کي ظاھر ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته گھر صرف ڀتين ۽ ڇت جو نالو ناھي پر بنيادي طور سک، سلامتي ۽ خوشحالي جو ھڪڙو بنيادي اھڃاڻ آهي. ڪيناڊا جي مشھور ليکڪا ڪيٿرئن پلزيفر لکي ٿي ته گھر اھا جڳھ آھي، جتي انسان کي مڪمل حفاظت سڪون محسوس ٿئي.
سنڌ جي زمين، جيڪا سنڌو درياهه جي ميداني علائقن کان وٺي وارياسن پٽن، جابلو علائقن ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري تائين پکڙيل آهي، صدين کان ماڻهن جي رھڻي ڪھڻي ۽ گهرن جي جوڙجڪ کي شڪل ڏيندي پئي آئي آهي. سنڌ جي ھنن ماحولياتي خطن ۾ مختلف قسم جا گھر آھن، جيڪي مقامي ڄاڻ، موسم سان هم آهنگي، ثقافت ۽ موجود وسيلن توڙي معاشي صورتحال جي عڪاسي ڪن ٿا.
علائقائي حساب سان سنڌ ۾ رهائشي گهرن جا مختلف نمونا آهن، جن ۾ خاص طور ڪچا مٽيءَ جا گهر، نيم پڪا گهر (سرن جون ڀتيون ۽ ٽين يا ڇپري ۽ ڪاٺ جي ڇت)، پڪا سرن جا گهر، ڪاٺ، مٽي ۽ ڇپري تي ٻڌل گهر، ۽ روايتي وڏن اڱڻن وارا گهر شامل آهن. اهي گهر سنڌو درياهه جي ميداني علائقن کان وٺي، ٿر، جابلو علائقن ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري تائين مقامي موسم، ثقافت ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندڙ تعميراتي ڄاڻ جو نتيجو آهن. مٽيءَ جون ڀتيون، ٿلهيون ديوارون، اڱڻ، ڇانوَ ۽ هوادار ورانڊا تاريخي طور تي گرميءَ کي گهٽ رکڻ ۽ رهائش کي آرامده بڻائڻ لاءِ استعمال ٿيندا رهيا آهن، پر موسمي تبديليءَ جي نتيجي ۾ وڌندڙ ٻوڏن، طوفانن، لوڻياٺ ۽ سخت گرميءَ جي لهرن انهن روايتي گهرن کي وڌيڪ نازڪ بڻائي ڇڏيو آهي. ورلڊ بينڪ جي، ٻوڏ کان اڳ ڪيل هائوسنگ آدمشماريءَ جي انگن اکرن موجب، سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 27 لک کان وڌيڪ گهر ڪچا گهر آهن، جيڪي مٽيءَ مان ٺهيل آهن ۽ موسمي آفتن جي سٽ سھڻ لاءِ گهربل انجنيئرنگ معيارن تي پورو نٿا لهن، جڏهن ته 56 لک رهائشي يونٽ پڪا گهر آهن، جيڪي سرن مان ٺهيل آهن.
ٺٽو، سجاول ۽ بدين جهڙن سامونڊي ضلعن ۾ بانس جي ڍانچي يا ڪاٺ جي ڍانچي ۾ جھوپڙا نما ۽ ڪاٺ جي پينلن سان ٺھيل گهر تيز هوائن، سامونڊي لهرن، گھم ۽ لوڻياٺ واري زميني پاڻيءَ کي منهن ڏيڻ جي گھٽ مدافعت رکن ٿا ۽ اڪثر تيز سامونڊي ھوائن ۾ سخت متاثر ٿين ٿا. سمنڊ کان ٿورو پر ڀرو ڳوٺن ۾ مٽي ۽ ڪاٺ جا گھر عام آھن، جن جا نه ته بنياد مضبوط هوندا آهن ۽ نه ڇتين کي صحيح نموني تعمير ڪيو ويندو آهي. طوفان دوران تمام گھڻن گھرن جون ڇتيون اڏامي وڃن ٿيون، ڀتيون ڪري پون ٿيون ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿيو وڃن. انھيءَ سان گڏ سامونڊي علائقن ۾ مٽي ۽ پاڻي ۾ لوڻياٺ بہ آهستي آهستي گهرن جي بنيادن ۽ ڀتين کي ڪمزور ڪري ٿي. کارو پاڻي تعميراتي مٽيريل کي خراب ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهميءَ کي به متاثر ڪري ٿو. ھونءَ به سامونڊي علائقن ۾ خاص طور تي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سھولتن جو تمام وڏو مسئلو آهي، جيڪو ھڪ گھر جو بنيادي حصو يا ضرورت ھوندي آھي.
سنڌ جي ميداني علائقن، خاص ڪري سنڌو درياهه جي ڪنارن تي واقع آباد علائقن ۾، هر سال برساتي ۽ دريائي ٻوڏون گهرن کي سخت نقصان پهچائين ٿيون. پاڻي بيهڻ سبب ڪچا ۽ بنا لوهي ڍانچي وارا سرن جا گهر ڪمزور ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري هزارين خاندان بي گهر ٿي وڃن ٿا. صرف ٻه ھزار ٻاويھ واري ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ڇھ لک گھر مڪمل يا جزوي طور تباھ ٿيا.
ٻوڏ، طوفان، لوڻياٺ ۽ سم سان گڏ ھڪڙو ٻيو موسمي مسئلو وڌندڙ گرمين جو لھرون به آھن، جيڪي خاص طور اترين علائقن ۾ ماڻھن کي متاثر ڪن ٿيون. وڌندڙ گرمي جو لھرون گھٽ ھوادار، سيمنٽ ۽ لوھ جي گھرن کي صفا تنور بڻائي ڇڏين ٿيون، جنهن سان ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن جي صحت کي سنجيده خطرا پيدا ٿين ٿا. حالانڪه سنڌ، خاص طور تي سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ پراڻي دور ماحول دوست گھر تعمير ڪرڻ عام ھوندو ھو. ھر گھر ۾ منگھ ھوندو ھئو، جيڪو گھر کي روشن رکڻ سان گڏ ھوادار پڻ بنائيندو ھو.
هر وڏي ٻوڏ يا سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ هزارين خاندان عارضي لڏپلاڻ تي مجبور ٿين ٿا. بي گهر ٿيڻ سان گڏ روزگار پڻ متاثر ٿئي ٿو، ٻارن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي ۽ ھڪ حساب سان جھڙوڪر سڄو سماجي ڍانچو ٽٽي پوي ٿو. عارضي ڪئمپن ۾ رهائش، اڻپوري صفائي ۽ ڊگهي غيريقيني صورتحال ماڻهن ۾ ذهني دٻاءُ، پريشاني ۽ صدمو پيدا ڪري ٿي، جنهن جا اثر سالن تائين رهن ٿا. غربت سبب اڪثر ٻھراڙيءَ جا ماڻھو گھر آسانيءَ سان ٺاھي به نہ سگھندا آهن. خير، لڏپلاڻ جي قيمت رڳو مالي ناهي؛ ان سان گڏ نفسياتي سڪون به متاثر ٿئي ٿو. گهڻين حالتن ۾، محفوظ ۽ مضبوط گهر ٺاهڻ جي قيمت آفت کانپوءِ ٿيندڙ نقصان کان تمام گهٽ هوندي آهي.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موسمي خطرن کي نظر ۾ رکندي رهائشي حل اختيار ڪيا ويا آهن. بنگلاديش ۾ طوفانن جي سٽ سھندڙ ۽ اوچي بنيادن وارا گهر، هالينڊ ۾ ٻوڏ سان هم آهنگ ترندڙ گهر، ۽ گرم علائقن ۾ وڏن اڱڻن ۽ ٿلهين ڀتين تي ٻڌل گھرن جا ڊزائن ڪامياب مثال آهن. اهي سڀ طريقا اصل ۾ سنڌ جي روايتي تعميراتي پس منظر ۽ ترجيحات سان گهڻي حد تائين ملن ٿا. ھڪ بين الاقوامي ادارو سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۽ ميداني علائقن ۾ گھرن تي تحقيق ڪري رھيو آھي ۽ ان تحقيق جي نتيجي ۾ گھٽ ڪاربان استعمال ڪندڙ مٽيريل سان ماحول دوست گھر ڊزائين ڪري رھيو آھي، جيڪي آفتن جي سٽ سھندڙ ھوندا. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ موسمي تبديليءَ سان هم آهنگ رهائش اختيار ڪرڻ سان لڏپلاڻ گهٽجي سگهي ٿي ۽ انساني تڪليفن کي گھڻي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو، ڇو تہ گهر رڳو سرن ۽ ڀتين جو نالو ناهي، اهو انسان جي عزت، تحفظ ۽ سڃاڻپ آهي. موسمي تبديليءَ جي وڌندڙ خطرن جي دور ۾ سنڌ کي هنگامي امداد کان اڳتي وڌي محفوظ، مضبوط ۽ موسمن سان ھم آھنگ رهائش تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. اڄ جو محفوظ ۽ مظبوط گهر سڀاڻي جي بي گهر ٿيڻ واري صورتحال، ذهني پيڙا ۽ معاشي نقصان کان بچائي سگهي ٿو.