جھل مگسي ۾ پاڻيءَ جي واهي ڏسڻ ويل 7 ڄڻا اغوا: احتجاجن رستا بند ڪرڻ جو چتاءُ 

جھل مگسي ۾ پاڻيءَ جي واهي ڏسڻ ويل 7 ڄڻا اغوا: احتجاجن رستا بند ڪرڻ جو چتاءُ 

شھدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي جھل مگسي ضلعي جي حد مان بند پيل پاڻي جي واهي کي ڏسڻ جي لاءِ ويل 7 ڄڻن کي اڻڄاتل هٿياربند ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، اغوا جي اطلاع بعد علائقي واسي گاجاڻ ۾ سردار جلال خان لاشاريءَ وٽ پھچي ويا، علائقي واسين جو چوڻ هو ته پوليس اسان جي اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، اغوا ٿيلن ۾ نصيرالله لاشاري، مرتضيٰ لاشاري، درويش لاشاري، پرويز رند، علي حسن رند، سيف الله رند ۽ حيدر ميرجت شامل آهن، ٻي طرف علائقي واسين ۽ مغوين جي وارثن سڪليجي جي جبلن جو ايندڙ ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.