| جھل مگسي ۾ پراڻي دشمني تان 2 ڄڻا گوليون هڻي قتل |
شھدادڪوٽ (رپورٽر) جھل مگسي ۾ پراڻي دشمني تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ عبدالستار کوسو ۽ الله بخش کوسو قتل ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي جھل مگسي اسپتال منتقل ڪيا، پوليس جو چوڻ هو ته واقعو پراڻي دشمني تان ٿيو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.