جھول: هٿياربندن هٿان نينگري سونيا ڪولهي اغوا

جھول: هٿياربندن هٿان نينگري سونيا ڪولهي اغوا

جهول (ن پ ا) جھول لڳ ڳوٺ زرين آباد مان هٿياربند نينگري سونيا ڌي بابو ڪولهي کي اغوا ڪري ويا، جھول ٿاڻي تي نينگري جي والد بابو فرياد داخل ڪرايو آهي ته جوابدار علي مراد بروهي ساٿين جي مدد سان  سندس 17سالن جي ڌي سونيا کي اغوا ڪيو آهي، جھول پوليس رات دير تائين ڪا ڪاروائي نه ڪئي هئي.