| جھول ويجھو ڪٺور دل ماءُ پاران معصوم ٻارکي ٻوڙي مارڻ جو انڪشاف: امڙ گرفتار |
جهول(رپورٽ: ممتاز شر) جھول ويجھو ڪٺور دل ماءُ پاران معصوم ٻار کي ٻوڙي مارڻ جو انڪشاف ، ماءَ گرفتار ،مڙس پاران زال تي ڪيس داخل، ان ڏس ۾ جھول ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ سليمان مري ۾ 4 ڏينھن اڳ واش روم جي ڀر ۾ پيل تغاري ۾ ٻڏي مئل 5 ڏينهن جي ٻارڙو الھورايو مري کي ڪٺور دل ماءُ پاران ٻوڙي مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جھول پوليس جاچ دوران ٻارڙي جي مختلف مائٽن ۽ والدين کان پڇاڻو ڪيو، فوتي ٻالڪ جي ماءُ مسمات پري يوسفزئي پاران مختلف بيان ڏيڻ تي پوليس کيس گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي جتي ھن اعتراف ڪيو ته معصوم پٽ کي پاڻي ۾ ٻوڙي ماريو آهي، سندس مڙس شادي کان اڳ جيڪي خواب ڏيکاريا ھئا، اھي سمورا ڊرامو نڪتا ،مڙس کيس ٽائيم ڏيڻ ۽ گھرجون پوريون ڪرڻ بجاءِ اوطاق ۾ سمھڻ کي ترجيح ڏيندو ھو ، تڏھن ھن بيزاري واري زندگي گذارڻ بجاءِ مڙس رافع مري منجھان پيدا ٿيل پٽ کي ماري ڇڏيو، پوليس مڙس رافع ولد محمد بخش مري جي فرياد تي قلم 302-201 هيٺ ناري تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، فريادي موجب هن ھڪ سال اڳ مسمات پري ڌي ارشد يوسفزئي سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، 27 مارچ تي گھر واري پٽ کي جنم ڏنو ، 31 مارچ ھو سؤٽ سان گڏ اوطاق ۾ستل ھو ،رات 3 وڳي زال جي رڙين تي گھر پھتو ته معصوم الھورايو گم ھو، ڳولا بعد ٻار تغاري اندر مئل حالت ۾ مليو، فريادي موجب زال ساڻس انھي ڳالھ تي ڪاوڙيل ھئي ته کيس سانگھڙ ۾ رهندڙ پيڪن ۾ وڃڻ جي اجازت ڏيان، اجازت نه ڏيڻ تان ڪٺور دل عورت معصوم ٻار کي پاڻي ۾ ٻوڙي ماري ڇڏيو