جيڪب آباد (رپورٽر) ضلعي جيڪب آباد جي مشهور سياسي شخصيت ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر احمد نواز عرف بابل خان جکراڻي ڊگهي بيماري کان پوءِ ڪراچي واري رهائشگاھه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ گهري ڏک ۽ غم جي لهر پکڙجي وئي، بابل جکراڻي هڪ تجربيڪار ۽ سنجيده سياستدان هو، جنهن قومي ۽ صوبائي سطح تي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هن 1988، 1990، 1993 ۽ 1997 جي عام چونڊن ۾ حصو ورتو، هو پهريون ڀيرو 1988ع ۾صوبائي تڪ پي ايس 13 جيڪب آباد تان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، جڏهن ته 1993ع ۾ قومي تڪ اين اي 156 جيڪب آباد تان قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو هن 1990ع ۾ صوبائي اسيمبلي ۽ 1997ع ۾ قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ پڻ حصو ورتو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو سياسي تجزيه نگارن موجب بابل جکراڻي جي لاڏاڻي سان ضلعي جيڪب آباد جي سياست ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، بابل جکراڻي جي جنازي نماز شهر جي حميديه هاءِ اسڪول ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز درگاهه ٻير شريف جي گادي نشين مولانا عبدالعزيز قريشي پڙهائي جنهن ۾ سينيٽر اشرف جتوئي، ايم پي اي پارس ڏيرو، ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ايم اين اي بلوچستان ڪوهسار ڊومڪي سميت مختلف سياستدانن، پي پي پي اڳواڻن، سردارن، آفيسرن شهرين سميت جکراڻي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، بابل جکراڻي کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. احمد نواز عرف بابل خان جکراڻي 21 مارچ 1943ع تي ڳوٺ دادپور جاگير ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ بااثر قبائلي خاندان ۾ جنم ورتو جنهن سبب خاندان کي سماجي ۽ انتظامي حيثيت حاصل هئي بابل خان جکراڻي پنهنجي شروعاتي تعليم سردار محمد امين کوسو هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان حاصل ڪئي.
2018ع ۾ بابل جکراڻي پنهنجي پٽ اعجاز جکراڻي خلاف چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو
جيڪب آباد: 2018 ع ۾ بابل خان پنهنجي ئي پٽ اعجاز حسين جکراڻي خلاف چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن سبب سندس خاندان سان سياسي اختلافن کي ظاهر ڪيو ۽ هو مختلف وقتن تي سياسي تڪرارن ۽ خانداني اختلافن خبرن ۾ رهيو.
بابل جکراڻي جي بيماري کانپوءِ سندس پٽ اعجاز جکراڻي سياسي اثر کي برقرار رکيو
جيڪب آباد: بابل جکراڻي جي بيماري کانپوءِ سندس سياسي وراثت سندس پٽ اعجاز حسين جکراڻي سنڀالي، هن نه صرف پنهنجي والد جي سياسي اثر کي برقرار رکيو پر سنڌ جي سياست ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان جکراڻي خاندان جي حيثيت اڃا تائين قائم آهي.
بابل جکراڻي جيڪب آباد ضلعي جي اهم سياسي شخصيت رهيو
جيڪب آباد: بابل جکراڻي سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ هڪ اهم سياسي شخصيت رهيو آهي، جيڪو خاص طور تي پاڪستان پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل رهيو آهي 1997ع ۾ ٽڪيٽ نه ملڻ سبب بابل خان جکراڻي پ پ شهيد ڀٽو ۾ شموليت ڪري چونڊن ۾ حصو ورتو، جيڪو الاهي بخش سومرو کان هارائي ويو، بابل جکراڻي سنڌ جي بااثر جکراڻي قبيلي سان تعلق رکي ٿو ۽ مقامي سياست ۾ ڊگهي عرصي کان سرگرم رهيو آهي، هو مقامي معاملن، خاص طور تي پاڻي زراعت ۽ ترقياتي منصوبن تي آواز اٿاريندو رهيو.