جھڏو ويجهو ٽريڪٽر ڪلٽي، ڊرائيور فوت
جُولاءِ 4, 2025
جهڏو(پنهنجي ڊيسڪ) جھڏو ويجهو ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور دٻجي فوت ٿي ويو، جهڏو ويجهو ڳوٺ جليل انڙ ۾ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ چار ٻارن جو پيءُ 35 سالا ٽريڪٽر ڊرائيور آسن پٽ کيتو ڪولهي ٽريڪٽر هيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويو.
اطلاع تي جهڏو پوليس سرزمين تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي فوتي جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو، فوتي ڊرائيور جهڏو جي ڪپري موري جو رهواسي آهي، جيڪو پنهنجي ٻني تي پاڻي جي مشين ڇڏي واپس وڃي رهيو هو ته ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.