جھڏي ۾ حيسڪو جي نااهلي: ڪريل تار ۾ وچڙي نوجوان مرڻينگ

جھڏي ۾ حيسڪو جي نااهلي: ڪريل تار ۾ وچڙي نوجوان مرڻينگ

جھڏو (ن پ ا) جھڏو لڳ ناصر آباد ۾ بجلي جو پول ڪرڻ سبب هاءِ وولٽيج بجلي جي تار  ۾ مقامي ڌنار 22 ورهين جو نوجوان عبدلعزيز ولد محمد خاصخيلي وچڙي شديد زخمي ٿي ويو جنهن کي وارثن فوري طور جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو جتان ڊاڪٽرن فوري طبعي امداد ڏني وڌيڪ علاج لاءِ ميرپورخاص اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن موجب نوجوان ٻڪريون چاريون پئي ته اوچتو بجليءَ جي تار مان ڪرنٽ لڳو آهي هنن چيو ته 31 ڊسمبر تي برسات دوران سندس ڳوٺ ڀرسان بجلي جو پول ڪري پيو هو حيسڪو عملدارن کي بار بار شڪايتون ڪيون پر هنن ڪوبه ڌيان نه ڏنو حيسڪو عملدارن جي لاپرواهي سبب هئي واقعو پيش آيو آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي حيسڪو سب ڊويزن جهڏو جي ايس ڊي او جئي ڪمار جو چوڻ آهي ته بجليءَ جي پول ڪرڻ جي ڳوٺاڻن اطلاع ناهي ڏني اج اطلاع ملڻ بعد ٽيم سرزمين پهتي آهي ڪريل پول جي مرمت ڪرائي پئي وڃي