| جھڏي ۾ ڊوائيس هولڊرن جي گرفتارين بعد بي آءِ ايس پي مستحق رلي ويون |
جهڏو(ن پ ا) جهڏو ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي وظيفو حاصل ڪندڙ هزارين مستحق عورتون گذريل ٻن هفتن کان روزانو مرڪزن جا دربدريءَ وارا ڌڪا کائي ڀاڙا خرچ ڪري پريشاني جي عالم ۾ واپس موٽڻ تي مجبور آهن. ايف آءِ اي ميرپورخاص پاران بي آئي ايس پي جي ڊوائز هولڊرن خلاف آپريشن دوران ٻه هفتا اڳ جهڏو ۾ ڇاپو هڻي سموريون ڊوائزون ضبط ڪرڻ بعد 8 ڊوائز مالڪن سميت سندن 11 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو هو. قانوني ڪارروائي بعد ڪيس چالان ڪري جوابدارن کي جيل اماڻيو ويو. جنهن بعد تعلقي جھڏو جون مستحق عورتون دربدر ٿي ويون آهن، سندن وظيفي جا پئسا رولڙي جو شڪار آهن هزارين عورتون روزاني بنيادن تي ڀاڙا خرچ ڪري جهڏو پهچن ٿيون پر اڃان تائين هنن لاءِ ڊوائزن سينٽر جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو آهي، متاثر عورتن دانهيندي چيو آهي ته وس وارن اختيارين کي ترت ڊوائز مرڪز قائم ڪري هزارين عورتن کي وڌيڪ پريشاني ۽ دربدريءَ کان بچايو وڃي.