| حادثا روڪڻ لاءِ سخت ٽريفڪ قانون ٺاهينداسين: شرجيل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پيپلز بسون عوام جون آھن، اهي عوام کي ملنديون، اسان جي ڪوشش آھي ته ھر مين روڊ تي بس سروس شروع ڪئي وڃي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسا وڏي منصوبي تي ڪم ڪري رھيا آھيون، هاڻ ھر وڏي روڊ تي بس ھلندي، ٽنڊو ڄام-حيدرآباد بس سروس شروع ڪئي وئي آھي، حيدرآباد ۾ ھٽڙي کان حيدر چوڪ تائين، لطيف آباد ، گاڏي کاتي سميت سمورن علائقن ۾ بسون ھلايون وينديون، اسان جي ڪوشش آھي ته ھر علائقي کي سھولت فراھم ڪريون. ھن چيو ته عام طور تي اھو سمجھيو ويندو آھي ته ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر جي صورت ۾ غلطي ٽرالر واري جي ھوندي، بائيڪ کي ٽڪر لڳڻ جي صورت ۾ وڏي گاڏي کي باھ ڏئي ساڙڻ واري ذھنيت مان نڪرڻو پوندو. هن چيو ته اي چالان جي مخالفت ٿي پر اسان کي ٽريفڪ جي نظام کي بھتر ڪرڻو پوندو، ٽريفڪ مينيجمينٽ لاءِ حڪومت سخت قانون جوڙي رھي آھي تھ جيئن ماڻھو ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي نھ ڪن ۽ حادثا نه ٿين.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اپوزيشن کي دعوت ڏيندي چيو ته اپوزيشن وارا اسان جي آفيسن ۾ اچي، مشورا ڏين، اسان سڀني کي گڏجي صوبي ۽ پنھنجن شھرن کي بھتر ڪرڻو آھي،