حافظ نعيم صاحب! ڪيترو تعصبي ڪارڊ کيڏندو؟ مرتضيٰ وهاب

  حافظ نعيم صاحب! ڪيترو تعصبي ڪارڊ کيڏندو؟ مرتضيٰ وهاب

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلاول ڀٽو ڪراچي واسين جا جيڪي واعدا ڪيا آهن، اهي هڪ هڪ ڪري پورا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھيون، اسان  سڀني کي گڏ کڻي هلندا سين، هڪ ارب جي لاڳت سان شاھراھ فيصل تي ميٽروپول کان ايئرپورٽ تائين اسٽريٽ لائيٽس کي سولر تي منتقلي جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽريٽ لائيٽس کي سولر تي منتقل ڪرڻ سان ساليانو اڍائي ڪروڙن جي بچٽ ٿيندي، اسان ٻئي مرحلي ۾ پمپنگ اسٽيشنن کي سولر تي منتقل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، مائي ڪولاچي، سر شاھ سليمان روڊ سميت ٻين روڊن کي به سولرائز ڪيو ويندو، هن جماعت اسلامي جي سربراهه حافظ نعيم الرحمان تي تنقيد ڪندي چيو ته اوهان ڪيترو تنقيد ۽ تعصب جو ڪارڊ کيڏندو؟ روزانو  آفيس ۽ گهر۾ ويهي سياسي پريس ڪانفرنس ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، هن چيو ته  حافظ نعيم کي پنجاب بجاءِ ڪراچي کي وقت ڏيڻ گهرجي. صرف ڳالهيون کي نه پر ڪم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، عوام کي ٻڌايو ته اوهان جا 9 تعلقي چيئرمين ڇا پيا ڪن؟ ٻين جي ترقياتي منصوبن تي افتتاحي تختي هڻي ڪريڊٽ کڻڻ سٺو عمل ناهي، هن چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي ڪراچي ۾ ڀليڪار ڪنداسين، کيس  پروٽوڪول ڏنو ويندو، آئون کيس ڪي ايم سي آفيس اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو، هن چيو ته ڊسمبر مهيني کان سڀني يوسيين کي گٽرن جا ڍڪڻ لڳائڻ لاءِ هڪ هڪ لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن،