حبا بخاري کي شوٽنگ دوران اصلي چماٽ هنيم: صبا حميد 

حبا بخاري کي شوٽنگ دوران اصلي چماٽ هنيم: صبا حميد 

لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر  اداڪاره صبا حميد انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڊرامي “فتور” جي شوٽنگ دوران اداڪاره حبا بخاري کي اصلي چماٽ هنئي هئي.صبا حميد هڪ ٽي وي شو ۾ مشهور ڊرامي ‘فتور’ ۾ اداڪاره حبا بخاري کي چماٽ وهائي ڪڍڻ جي ڪهاڻي ٻڌائي، انهي ڊرامي ۾ حبا بخاري صبا حميد جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو. صبا حميد وڌيڪ چيو ته آئون ڊرامي جي شوٽنگ دوران ٺڳي ڪرڻ ۾ ماهر آهيان پر ڊائريڪٽر زور ڀريو ته حقيقي  چماٽ هڻڻ جو منظر ڪرڻو آهي، تنهن ڪري مون حبا کي اصلي چماٽ ٿڦڙ هنئي، منهنجي انهي عمل تي حبا بخاري کي ڏک ٿيو، مون کانئس معافي به ورتي.