حب جي صوبائي تڪ پي بي 21 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 13 زخمي
فيبروري 14, 2024
حب جي صوبائي تڪ پي بي 21 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 13 زخمي، علائقي واسين موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل ۽ زخمي بي اي پي اميدوار صالح ڀوتاڻي جا حامي آهن، مارجي ويلن ۾ سڪندر ۽ معراج شامل، پي بي 21 حب تان بي اي پي اميدوار محمد صالح ڀوتاڻي غير سرڪاري نتيجن موجب 30 هزار 910 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، نيشنل پارٽي جو رجب رند 17 هزار ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو هو، نتيجن کي چئلينج ڪرڻ بعد 2 ڏينهن اڳ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران آر او کي دل جو دورو پئجي ويو ۽ کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين جا ماڻهو آر او آفيس آڏو ٻن ڏينهن کان ڌرڻو هڻي ويٺل هئا