حب چوڪي ۾ گهرو اڻبڻت تان فائرنگ، راڻيپور واسي ماءُ ۽ پٽ مارجي ويا، عورت زخمي 

حب چوڪي ۾ گهرو اڻبڻت تان فائرنگ، راڻيپور واسي ماءُ ۽ پٽ مارجي ويا، عورت زخمي 

راڻيپور (ن پ ا) ڪراچي جي حب چوڪي واري علائقي ۾ رهندڙ راڻيپور لڳ ڳوٺ ڪرڙ حاجي جا رهواسي نوجوان ثاقب گهرو اڻبڻت تان مبينا طور پاڻ تي فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي، نوجوان کي بچائڻ جي ڪوشش دوران گوليون لڳڻ سبب سندس امڙ مسمات شمشاد خاتون ۽ ڀاءُ آصف حاجي راڄپر  مارجي ويا، نوجوان جي زال زخمي ٿي پئي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ماءُ پٽ جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جا لاش راڻيپور جي ڳوٺ ڪرڙ حاجي  پهتا ته علائقي ۾ سوڳوار جو ماحول ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول آصف راڄپر ڊائو يونيورسٽي جي آخري سال جو شاگرد هيو،  وارثن جو چوڻ هو ته  گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙجي آصف پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي امڙ ۽ ڀاءُ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پسٽل جا فائر ٿي ويو جنھن سبب واقعو پيش آيو. جڏهن ته مقتول جي گهرواري زخمي ٿي پئي. ٻي طرف پوليس نوجوان ثاقب کي گرفتار ڪري ورتو.